پينشنرن سان حڪومت جي جُٺ

تحرير: غلام حسين جوڻو

آئون هن ليک ۾، اهڙي طبقي جي ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو . جن پنهنجي حياتي جو ڳچ حصو ، ملڪ جي ادارن جي خدمت ڪئي . ادارن کي مضبوط ڪيو . ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجون ننڊون حرام ڪري ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو . ڏينهن هجي رات ، گرمي هجي يا سردي يا قدرتي آفتون جهڙوڪ برسات ، ٻوڏ ، زلزلو قحط ۽ ڏڪار جي صورت ۾ ، اهڙي طبقي جي ماڻهن جون ڪيل خدمتون هرگز وساري نه ٿيون سگهجن ۽ اهي هميشه ياد رکيو وينديون.

هاڻ اهي عظيم شخصيتون ضعيف العمري ۽ پيري ۾ آهن . سرڪاري نوڪرين تان رٽائرمينٽ ورتي اٿن . انهن جون سرگرميون ختم ٿي ويون آهن . هو پنهنجي گهرن ۾ محدود آهن . تنهن هوندي به ، انهن کان ادارن جي هلائڻ لاءِ ضروري مشورا ورتا وڃن ٿا . ڪيترن ئي سرڪاري دفترن ۾ ، اهي بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هو اڄ به عوام جي خدمت واري عمل کان غافل ڪونه ٿيا آهن . جڏهن به ڪو مسئلو ٿئي ٿو ته ، اهڙن ماڻهن جون خدمتون ورتيون وڃن ٿيون ۽ سندن ڏسيل طريقن تي عمل ڪرڻ سان حڪومتي ادارا وڌيڪ سگهارا ، مضبوط ۽ طاقتور ٿين ٿا . ان حقيقت کان ڪير به انڪاري ڪونه ٿيندو .

ياد رهي ته اهڙا ماڻهون پنهنجن گهرن ۾ وقت ڪيئن ٿا گذارين ؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي . پر ، انهن مان اڪثريت مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي . جنهن ڪري هو ، ڊاڪٽرن ۽ ويڄن جي اسپتالن ۾ چڪر ڪاٽي رهيا آهن . سندس اها صحت ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ اچي . جيڪا اڳ ۾ هئن . اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻاٺ آهي . جنهن جي نشاندهي ڪيترائي دفعا ٿي چڪي آهي . هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ علاج مهانگو آهي . ڊاڪٽرن جو فيون به وڌنديون رهن ٿيون . دوائن جا اگھ به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن . جنهن ڪري رٽائرڊ ملازم ، دوائون خريد ڪري نه ٿا سگهن . اها سندن وس جا ڳالھ ڪونه رهي آهي . هو سراپا پريشان حال نظر اچن ٿا .

هڪ طرف علاج جون سهولتون ڪونه آهن . غريب ماڻهون بيمارين جي تڪليف ۾ تڙپي ، تڙپي مري رهيا آهن . خاص ڪري پوڙها ماڻهون جن جي آمدني جو ڪو ذريعو ڪونه آهي . هو ڪنهن به ڪم جي لائق ڪونه رهيا آهن ته ٻئي طرف وڌندڙ مهانگائي به سندن چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آهي . روزانه استعمال ٿيندڙ شيون جهڙوڪ اٽو، گيهھ ، کنڊ ، چانھ ، برف ، بسڪوٽ ، ڀاڄيون ، گوشت ۽ مڇي وغيره وٺڻ لاءِ پريشان آهن ۽ اهي خريد ڪرڻ سندن پهچ کان گهڻو مٿي آهن . سندن ڪوبه اوهي واهي ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي . ڪوبه معاون ۽ مددگار ڪونه اٿن . سندن زندگيون سراپا سورن ۾ آهن . هن طبقي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي .

اها حالت ، قرين قياس جهڙي آهي . ڄاڻايل طبقو ، معاشي لحاظ کان انتهائي ڪمزور آهي حڪومت جي ذميواري آهي ته ، ان طبقي جي واهر ڪري ته جيئن سندن زندگي ڪجھ بهتر ٿي پوي . سندن ڏکن ۾ گهٽتائي اچي سگهي . پر حڪومت به کين نظر انداز ڪندي رهي ٿي . هاڻ ، جڏهن محترم شهباز شريف ملڪ جو وزير اعظم ٿيو . جنهن عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو ته ، ملڪ جي سمورن رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪجي ٿي . اهو اعلان ٻڌڻ سان ، سڀني پينشنرن جي چهري تان ڪجھه مايوسي گهٽ ٿي هئي . منهن تي مرڪون ۽ خوشيون اچي ويون هيون . سرهائي پيدا ٿي پئي هئي . پر ، اهو صرف اعلان ئي هو ان کان اڳتي ڪجهھ به ڪونه هو . ان اعلان تي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه عمل ڪونه ٿي سگهيو . جڏهن ان تي ڪوبه عمل ڪونه ٿيو ته هن طبقي جي ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهن سوچيو ته ، شايد ايندڙ مالي سال 23-2022 ۾ اهو اعلان دوباره ڪري بعد ۾ عمل ڪيو ويندو . ڇو ته نئين مالي سال بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ تمام ٿورو وقت بچيو هو ملڪي معاشي حالتون به چڱيون ڪونه آهن . جنهن ڪري سڀ ڪوماٺ ڪري ويهي رهيو ۽ انهي انتظار ۾ رهيو ته ، مالي سال جي بجيٽ ظاهر ٿئي ان ۾ ضرور سڀني پينشنرن جي فلاح و بهبودي کي نظر ۾ رکندي اهم حڪم نامه جاري ڪيا ويندا . جنهن مان کين وڌ ۾ وڌ رليف حاصل ٿي سگهندو . اهو طبقو بدحالي مان نڪري خوشحالي طرف رخ ڪندو .

نيٺ نئين مالي سال جي بجيٽ ، وزير خزانه محترم مفتاح اسماعيل صاحب پيش ڪئي جنهن کي ٻڌڻ سان ئي معلوم پئي ٿيو ته ، اها بجيٽ ته ڪانه آهي البته هڪ اهڙو مراسله آهي. جنهن ۾ گذريل حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي . ڪا، عوام جي اصلاح ۽ سڌاري جي ڳالھه ته مورڳو ئي ڪونه ڪيائين . سمجهھ ۾ ، ائين پئي آيو ته ، صرف لفظن ۾ انگن اکرن جي هيرا ڦيري آهي . باقي مهانگائي تي ضابطي ڪرڻ لاءِ ڪور موثر پلان پيش ڪونه ڪيو ويو . ڪا ، اهڙي رٿا ۽ منصوبا بندي ڪونه ڪئي ويئي جنهن سان عوام جي چهرن تي خوشيون اچن . عوام جي بجيٽ جي ساراھ ۽ واکاڻ ڪري ، اها شي به ڏسڻ ۾ ڪونه آئي.

بهرحال ڄاڻايل بجيٽ ۾ ، سڀني سرڪاري ملازمن جو پندرهن سيڪڙو پگهار وڌايو ويو . جيڪي هن وقت سرڪار سڳوري وٽ مختلف کاتن ۽ ادارن ۾ ملازمت ڪري رهيا آهن . ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته ، اهي ملازم جيڪي حاضر سروس آهن . جن کي سٺي ٽيڪ ڏني ويئي . پر ، مذڪوره طبقي کي ڪو خاص رليف ڪونه ڏنو ويو . وزيراعظم جيڪو پهريائين 10 سيڪڙو پينشن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو هو . اهو اعلان ته برقرار ڪونه رکيو ويو . پر ، مورڳو 5 سيڪڙو ماهوار پينشن ۾ اضافو ڪري ، رٽائرڊ ملازمن سان مذاق ڪئي ويئي آهي . انهن سان جٺ يا چٿر ڪئي ويئي هجي . مهانگائي جي نسبت سان ، اها واڌ ڪا حيثيت ئي ڪونه ٿي رکي . جنهن ڪري پينشنر مايوس ٿيا آهن ۽ سندن پريشانيون دور ٿي ڪونه سگهيون آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.