ملڪي بجيٽ ۽ ان جا عوام تي پوندڙ اثر

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

ملڪ جي موجوده وفاقي بجيٽ ڏهه جون تي ملڪ جي خزاني واري وزير مفتاح اسماعيل شام جو چئين وڳي قومي اسيمبليءَ  ۾پيش ڪئي،ھن بجيٽ جا اگرا اثر اڳي پوءِ  غريب عوام تي پوندا،ڇو ته اھوئي آخري خريدار ھجي ٿو،باقي فائدو انھيءَ  اعلي طبقي کي پوندو،جن کي پوندو آيو آھي،ڇو ته وڪرو ڪرڻ وارا اھي آھن،ھن بجيٽ۾سڀ کان وڏي رعايت سرڪاري ملازمن جي پگھار۾پندرنھن سيڪڙو اضافو ڪري اڳوڻا سڀ عارضي اضافا بنيادي پگھار۾ضم ڪري ڏني وئي آھي،بجيٽ۾پينشنرن جي لاءِ  به رقم رکي وئي آھي،پر  اھو نه ٻڌايو ويو آھي ته سندن پينشن۾گھڻو اضافو ڪيو ويو آھي؟ملازمن جو اھو پراڻو مطالبو ھيو،جنھن سان ملازمن کي روزمره جي خرچن کي منھن ڏيڻ۽ رٽايرمينٽ۾به فائدو رسندو،ھيڏي وڏي خساري واري بجيٽ۾ ملازمن لاءِ  ھيءَ  وڏي رعايت آھي،ملڪ جي مجموعي طور تي نو ھزار پنج سؤ ارب جي بجيٽ پيش ٿي آھي،جنھن۾پنج ھزار ھڪ سؤ ارب روپين جو خسارو ڏيکاريل آھي جيڪو بجيٽ جو اڌ آھي،زرعي شعبي جي درآمدات کي محصول کان آجو رکيو ويو آھي،صوبن جي ورڇ واري حصي مان به ڪٽوتي ڪري سندن لاءِ  چار ھزار ھڪ سؤ ارب روپيا رکيا ويا آھن،محصولن جي ڇوٽ ڇھن لکن مان وڌائي ٻارنھن لک ڪئي وئي آھي،ٽئڪس نه ڀريندڙن جو محصول وڌائي ٻه سؤ سيڪڙو ڪيو ويو آھي،بجليءَ  جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ  سولر پينل جي درآمد کي محصول جي ڇوٽ ڏني وئي آھي،شاگردن جي حوصلا افزائيءَ  لاءِ  کين ھڪ لک ليب ٽاپ ڏنا ويندا.

دنيا ۾غربت جي مقابلي۾ٽيون نمبر ايندڙ اسان جي ملڪ جا ساڍا ست ڪروڙ ماڻھون غربت واري زندگي گذاري رھيا آھن، ھن تعداد ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي،گذريل دؤر۾ سٺ لک ماڻھن کي بيروزگار ڪري معاشي طور معذور ڪيو ويو،قرض جي ڌٻڻ ۾ڦاٿل ملڪ بجيٽ جا فائدا پنھنجي غريب عوام تائين پھچائي نٿو سگھي،آءِ ايم ايف جو قرضي ھجڻ ناتي معاشي طور ساهه کڻڻ لاءِ به وڏي قرباني ڏيڻي پوي ٿي،جنھن لاءِ  وڏي پئماني تي خرچ گھٽائڻا پوندا،آمدني به ان رفتار۽مقدار سان وڌائڻي پوندي۔بحرحال خساري واري بجيٽ پيش ڪندڙ ملڪ جو عوام في الحال ته خواب۾ خوشحالي۽سھانگائي ڏسي سگھي ٿو،انتھائي ضروري خرچن کانسواءِ  سرڪاري خرچ ته ٻڙيءَ  تي بيھاريا وڃن،خسارو پورو ڪرڻ لاءِ  اھو به علاج جو حصو آھي،ملڪي تيل۽گئس پئدا ڪرڻ وارين ٻن ڪمپنين جو ڪاروبار به وڏي خساري۾آھي،تعجب جي ڳالھه  آھي!ڌکان وڌيڪ بجيٽ خساري حوالي ٿي وڃي ٿي،ملڪ جو ڪوبه کاتويا شعبو خساري کان بچيل ناھي،بجيٽ۾ملازمن کان علاوه ٻي ڪا خاص رعايت ناھي،انگن اکرن جي ڪرشمه سازي کان سواءِ  بجيٽ۾رعايتون نالي ماتر آھن،بجيٽ۾اھڙي ڪا خاص ڳالھه  ناھي جنھن جو عام ماڻھو جي زندگيءَ  تي سٺو اثر پوي.

وزير خزانه پنھنجي بجيٽ تقرير۾ بار بار اھو چوندو رھيو ته مشڪل فيصلن۽قدمن کڻڻ کانسواءِ  ٻيو دڳ ڪونھي،روز مره جي واھپي جي شين جا اگھه برقرار ته ڇا پر روزانو وڌي رھيا آھن،انھيءَ  واڌ عوام کي نپوڙي ڇڏيو آھي،خوشحال طبقن کان ملڪ خاطر قرباني ڏياري سندن محصولن ۾اضافو ڪيو وڃي،مختلف سببن۽نالن سان ڏنل محصول ڇوٽ ختم ڪئي وڃي۽محصول جي دائري۾آندو وڃي،محصولن جي نظام کي آسان۽بھتر بڻائي رعايت۽امداد جي نالي تي ملندڙ رعايتون ختم ڪيون وڃن،ڇو ته انھن جو فائدو عوام بجاءِ  سرمائيدار کي ٿئي ٿو،جھڙي ريت مل مالڪ کنڊ۽اٽي تي ملندڙ امدادي رقمون به کائي ويا۽اٽو۽کنڊ به مھانگي ڪري ڇڏيائون،ان چالاڪيءَ  جي ڪري رعايتن جو فائدو عام ماڻھو کي نٿو پوي،.

موجوده حڪومت مسئلن جو پھاڙ خوشيءَ  سان ورثي۾ورتو ته پوءِ  ملڪ جي بگڙيل معيشت جو ڏاج به خوشيءَ  سان قبول ڪري،ھينئر ملڪ جو وڏو مسئلو معاشي آھي،بجيٽ۾کنيل قدم اڳتي ھلي ته فائدو ڏين پر  غريب عوام ترت رعايت واري ساھي چاھي ٿو،جيڪو في الحال ترت ممڪن نظر نٿو اچي،سياسي مسئلا ته وقتي جوڙ توڙ سان حل ڪري سگھجن ٿا،پر  معاشيات اھڙو مسئلو آھي جيو تڪڙا۽عملي قدم چاھي ٿو۽انھن جو حل به مثبت معاشي قدمن کڻڻ۾آھي،موجوده حالتن۾دنيا جو ڪو به ملڪ معاشي مسئلن کان آجو ناھي،عالمي مھانگائيءَ  جي ڪري دنيا سان گڏ پاڪستان به متاثر ٿي رھيو آھي،پر  امير ملڪ ان ٻاڙائيءَ  کي منھن ڏئي ويندا،ڇوته انھن جي في ڪس آمدني اسان کان سوين ڀيرا وڌيڪ آھي،اسان جي واپار جو سمورو دارومدار ڊالر تي آھي،ان کي نظر۾رکجي ته ڊالر جي تيز اڏار اسان جي روپئي کي تيزيءَ  سان زمين دوز ڪري رھي آھي،روانگي واپار جو نه وڌڻ اسان جي معاشيات جو ٻيڙو ٻوڙي رھيو آھي،امير ماڻھن جي استعمال۾ايندڙ شين ۽وڏين گاڏين جي درآمد تي ڍل وڌائڻ هاڪاري ڳالھه  آھي، پر اھي ته ڪيڏانھن نه ڪيڏانھن گراھڪن مان ڪسر ڪڍي ويندا،پر  اصل رعايت جو مستحق ھيٺيون طبقو آھي،ضرورت مند۽لائق شاگردن جي وظيفن ۾اضافو ڪري ھاير ايجوڪيشن ڪميشن جي رقمن۾اضافو ڪرڻ پڻ چڱو ڪم آھي،پر  ان قدم جو اثر اصل حقدارن تائين پھچڻ گھرجي،بجيٽ کان اڳ ۾ غريب عوام جون اکيون حڪومت ڏانھن کنيل ھيون،پر  بجيٽ جي زبان۾ حڪومت اڃان به عوام کان قرباني گھري ورتي آھي،اگر بجيٽ۾ننڍيون وڏيون رعايتون ڏنيون به ويون آھن،پر عوام جون آسون۽اميدون ان کان وڌيڪ ھيون،جيڪي ستر سالن جي بگاڙ کان پوءِ  يڪدم پوريون ڪرڻ ممڪن ناھن.بجيٽ۾اھو به ٻڌايو ويو آھي ته پنجويھ ھزار دوڪاندار ھيل تائين محصولن جي دائري کان ۔ٻاھر آھن ،جيڪي پڻ ڪوششن سان محصول جي دائري۾آڻي معيشت۾سندن حصيداري ڪرائي سگھجي ٿي،پر  ان کان اول محصول اوڳاڙيندڙ ادارن۽عملدارن کان پڇاڻو ٿيڻ گھرجي ته ھيل تائين پنجويھ ھزار دوڪاندار ن کي محصول جي اوڳاڙين کان آجو ڇو رکيو ويو؟ان جا اسباب ڳولي ذميوارن خلاف قدم کنيا وڃن،محصول گڏ ڪرڻ وارن ادارن جي اصلاح۽احتساب جي به ھن وقت سخت ضرورت آھي، خساري جو سمورو بار عام ماڻھو  تي رکڻ به نامناسب آھي،ھاڻي بي ترتيب ڌڪن وارن ۾عاشي قدمن جي جاءِ تي حقيقت پسندانه قدمن کڻڻ جي ضرورت آھي.

ھاڻي آءِ ايم ايف به ڏٽن بدران عملي قدم کڻڻ تي زور ڀري رھيو آھي،جيڪي ڏکيا قدم کڻڻا آھن اھي ھڪ ئي وقت کڻي معيشت جو رخ درست ڪيووڃي،عوام کي روز روز جي جھٽڪن کان ڇڏايو وڃي،ٻئي طرف في الحال آءِ ايم ايف جي ترت مدد کان سواءِ  ملڪ کي موجوده معاشي دٻڻ مان ٻاھر ڪڍي نٿو سگھجي،ترقياتي رقم۾به ڪمي ڪئي وئي آھي،ان سان پڻ معاشي حالتن ۾سڌارو ايندو،روز مره جي ضرورتن حڪومت جي امداد ڏيڻ سان به بجيٽ۾خسارو اچي ٿو،خانگي ملڪي شعبي ۽بيروني واپارين جي حوصله افزائي ڪرڻ ۽ سھوليتون ڏيڻ به ملڪي معاشي حالتون سڌارڻ۾ٽيڪ ڏينديون،ھن ڀيري ملڪي سلامتيءَ  جا ادارا به معاشي بچت ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن،جن معمول جي بجيٽ کا علاوه ڪا اضافي رقم ناھي گھري،اھا اطمينان جي ڳالھه  آھي،حڪومت خود کي حاڪم سمجھڻ بجاءِ  خادم سمجھي ته عوام لاءِ  سھنجائي ٿيندي،آخر ڪيسيتائين روانگي واپار درآمدي واپار کان ھيٺ رھندو،؟ايسيتائين ڊالر به ھيٺ نه ايندو۽ مھانگائي وڌندي رھندي،نوڪريون نه ھجڻ ڪري ۽سرمائيڪارن سان دفتري کوچرائي ٿيڻ ڪري ۽رشوت جي ڪري انھن ٻنھي طبقن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي،انھن طبقن جي غير موجودگيءَ  ۾ترقيءَ  جو تصور ڪيئن ڪري سگھجي ٿو؟ھت حال اھو آھي ته ڪم ڪرڻ جي رشوت۽نه ڪم ڪرڻ جي پگھار ورتي وڃي ٿي،ھن وقت ملڪ کان ٽڪيءَ  ڦوٽي جي نه پر  جراحيءَ  جي ضرورت آھي،جراحيءَ  سان درد ته ٿيندو،پر  بعد۾سڪون ملندو،ھتي جائز ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو۽ناجائز ڪاروبار ڪرڻ سولو آھي،بهرحال موجوده حالتن۾وچٿري بجيٽ آھي۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.