ڄامشورو: سنڌيونيورسٽي مان پاس آئوٽ شاگردن جو يونيورسٽي جي نظام ۾ سڌرا آڻڻ جو مطالبو

سنڌيونيورسٽي مان پاس آئوٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين يونيورسٽي جي نظام ۾ سڌرا آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انتظاميا جي ڊگرين وارو نظام ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي دعوائن باوجود پاس آئوٽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن وٺڻ لاءِ پراڻي دور جيان ڪلاڪ جا ڪلاڪ قطار ۾ بيٺل رهن ٿا.

ان حوالي سان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شهرن کان ڊگرين لاءِ آيل شاگردن ۽ والدين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي اڻپوري انتظامن سبب ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن لاءِ ڪلاڪ جا ڪلاڪ قطارن بيهوڻو پوي ٿو.

هنن چيو ته ڪلاڪ لائن بيهڻ کانپوءِ جڏهن وارو اچو ٿو ته ڪو مسئلو ڄاڻائي واپس ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري شاگردن، شاگردياڻين ۽ هنن سان گڏ ايندڙ والدين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي.

ڊگريون وٺڻ لاءِ آيلن تعليم کاتي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته يوينورسٽي جي انتظامن ۾ سڌرا آڻي پريشانين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.