ميرپورماٿيلي ۾ سالي جو ڀيڻيوئي جي زيادتين خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾ سالي پاران ڀيڻيوئي جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ پيراڻو خان شر جي رهواسي علي فرمان ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته سندس ڀيڻ مائي الهرکي شر جي ڏيڍ سال اڳ عنايت الله شر سان شادي ڪرائي جيڪو سدائين ڀيڻ تي تشدد ڪندو آهي.

هن چيو ته عنايت الله شر جي زيادتين کان تنگ ٿي ڪري ڀيڻ خلعه لاءِ ڏهرڪي عدالت ۾ درخواست ڏني، جنهن تان عنايت شر، ارسلان ۽ ٻيا ڀيڻ سوڌو قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙ مطالبو ڪندي چيو ته هن يا سندس ڀيڻ کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار حد جي پوليس هوندي، ايس ايس پي گھوٽڪي معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.