ميهڙ ۾ آبادگار جو زرعي زمين تي بااثرن جي مبينا قبضي جي ڪوششن خلاف احتجاج

ميهڙ ۾ آبادگار زرعي زمين تي بااثرن جي مبينا طور قبضي جي ڪوششن خلاف احتجاج ڪيو آهي.

شهر جي ڀٽائي پاڙي جي رهواسي حضور بخش پنهور پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته ديهه اميد ديرو ۾ واقع سندس زرعي زمين تي بااثر خالد ۽ طارق ٿيٻو زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته گذريل رات بااثرن هٿياربند ساڻ ڪري هر ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ بااثرن ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي، ايس ايس پي دادو ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.