ڪوٽڙي ۾ چور گھر مان لکين رپين جا زيور ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا

ڪوٽڙي ۾ چور گھر مان لکين رپين جا زيور ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا.

شهر جي گيجنگ آفيس ۾ قائم رهائشي ڪالوني مان اڻڄاتل چور ڊاڪٽر جاويد سلطان پنهور جا گھر مان سونا زيور ۽ روڪ چورائي ويا.

ان حوالي سان متاثر گھر ڌڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات هو گھر جي اڱڻ تي ستل هئا ته دير سان اڻڄاتل چور گھر ۾ گھڙي، 10 تولا سونا زيور ۽ الماڙي ۾ رکيل هڪ لک 70 هزار رپيا کڻي ويا.

هن چيو ته چوري جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ويو، ايس ايس پي ڄامشورو معاملي جو نوٽيس وٺي چوري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.