پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ اڄ به پيش نه ٿي سگھي، اجلاس سڀاڻي ٻيهر طلب

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ صوبائي بجيٽ اڄ ٻئي ڏينهن به پيش نه ٿي سگهي، اسپيڪر پرويز الاهي ۽ اپوزيشن ميمبر پنهنجي مطالبي تي قائم رهيا ۽ حڪومت پنهنجي موقف تي ڄميل رهي، جنهن کانپوءِ اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

سڄو ڏينهن اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جون خبرون اينديون رهيون، ڪجهه دير پهرين خبر آئي هئي ته پي ٽي آءِ ميمبر اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تيار آهن ۽ اجلاس ڪجهه دير ۾ شروع ٿي ويندو.

ان دوران گورنر پنجاب بليغ الرحمان پنجاب اسيمبلي جو جاري 40 هون اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ پنجاب اسيمبلي جو 41 هون اجلاس سڀاڻي ايوان اقبال ۾ طلب ڪري ورتو، گورنر پنجاب اسيمبلي جو 41 هون اجلاس سڀاڻي 3 وڳي طلب ڪيو آهي.

پر ان دوران پنجاب اسيمبلي جو 40هون اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شروع ڪري ڇڏيو، ڪجهه دير کانپوءِ هن اجلاس ٻيهر سڀاڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هاڻي سوال اهو آهي ته سڀاڻي اجلاس پنجاب اسيمبلي ۾ ٻئي پهر هڪ وڳي ٿيندو يا ايوان اقبال ۾ 3 وڳي؟

ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي جي پي ٽي آءِ ميمبر ميان محمود الرشيد جو چوڻ آهي ته گورنر پاران ايوان اقبال ۾ گھرايل اجلاس جي ڪا آئيني حيثيت ناهي، اپوزيشن سڀاڻي اسپيڪر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي، گورنر، اسپيڪر جي موجودگي ۾ ايوان اقبال ۾ اجلاس طلب نٿو ڪري سگھي.

ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي آءِ جي پنجاب کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.