پاڪستاني شاگردن لاءِ خوشخبري، سعودي حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

سعودي عرب پاڪستاني شاگردن لاءِ 25 يونيورسٽيز ۾ اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان هائر ايجوڪيشن ڪيمشن موجب جيڪي پاڪستاني شاگرد سعودي عرب جي يونيورسٽيز ۾ پڙهڻ جا خواهشمند آهن اهي پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا.

سعودي حڪومت طرفان ملندڙ اسڪالرشپس، سائنس، قانون، ايجوڪيشن، ايڊمنسٽريشن، معاشيات، انجينئرنگ، ڪمپيوٽر سائنس، ايگريڪلچر، عربي/اسلامڪ اسٽڊيز ۽ ميڊيا سائنس ۾ ڏنيون وينديون.

اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان جو واسطو، پاڪستان يا آزاد ڪشمير سان هجي، مٿي ڄاڻايل وضيفا 75 سيڪڙو پاڪستان مان ايندڙ شاگردن کي ڏنا ويندا جڏهن ته 25 سيڪڙو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد ان مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.