آرمي چيف جو دورو اهم هو، چين سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابرافتخار چيو آهي ته آرمي چيف چين جو اهم دورو ڪيو،جڏهن ته  چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سي پيڪ جي سيڪيورٽي پاڪ فوج کي ڏني وئي، سي پيڪ جي سيڪيورٽي تي تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو پيو وڃي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ت آرمي چيف دوران ۾ چيني صدر سان پڻ ملاقات ڪئي، آرمي چيف طرفان چين جو دورو تمام اهم هو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ نوعيت جا آهن. پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن لاءِ اهم آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته  سي پيڪ جي سيڪيورٽي خاص طور تي پاڪ فوج کي ڏني وئي، سي پيڪ منصوبي جي سڪيورٽي تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.