پاڪ فوج عمران خان جو آمريڪي سازش جو بيانيو واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پرويز مشرف جي طبعيت گهڻي خراب آهي، الله پاڪ کيس صحت ڏئي، ليڊر شپ جو موقف آهي ته پرويز مشرف کي واپس اچڻ گهرجي، واپسيءَ جي حوالي سان فيصلو سندس خاندان کي ڪرڻو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پرويز مشرف کي واپس آڻڻ لاءِ ان جي خاندان سان رابطو ڪيو ويو، فيصلو فيملي کي ڪرڻو آهي، پرويز مشرف جي فيملي جي جواب کانپوءِ انتظام ڪري سگهجن ٿا.

هن چيو ته جنرل (ر) پرويز مشرف جي صحت جي صورتحال ۾ انسٽيٽيوشن جو ۽ ليڊر شپ جو موقف آهي ته کيس واپس اچڻ گهرجي، ان ئي سلسلي ۾ پرويز مشرف جي فيملي سان رابطو ڪيو ويو، پرويز مشرف جي واپسي جو فيصلو ان جي فيملي ۽ ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي ته هو ان کي اهڙي ڪنڊيشن ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهن ٿا يا نه؟ ان کانپوءِ ئي ڪي انتظام ڪري سگهجن ٿا، انسٽيٽيوشن محسوس ڪري ٿو ته جنرل مشرف کي جيڪڏهن اسان پاڪستان آڻي سگهون ته آڻڻ گهرجي، ڇو ته ان جي ڪنڊيشن اهڙي آهي.

سندس چوڻ هو ته هر سال جڏهن بجيٽ پيش ٿيندي آهي ته دفاعي بجيٽ تي بحث شروع ٿي ويندو آهي، دفاعي بجيٽ ٿريٽ پرسيپشن، چيلينجن، مقرري جي نوعيت، وسيلن کي ڏسندي رکي ويندي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جي وڌندڙ دفاعي بجيٽ پنهنجي سامهون رکو، 2020 کان پاڪستان فوج پنهنجي بجيٽ ۾ ڪا واڌ نه ڪئي، مهانگائي جي شرح سان ڏسون ته دفاعي بجيٽ گهٽ ڪئي وئي، فوج جي بجيٽ جي ڊي پي جي شرح جي لحاظ سان مسلسل هيٺ اچي رهي آهي، اسان 100 ارب رپين جي بجيٽ گهٽ ورتي آهي، اسان يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ خرچن کي محدود ڪيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت لاءِ غير ضروري چرپر گهٽ ڪري ڇڏي آهي، ڪانفرنسون آن لائن ڪيون ويون آهن، گذريل سال ڪورونا جي مد ۾ ملندڙ 6 ارب پاڪستاني حڪومت کي واپس ڪيا ويا آهن، فوجي فائونڊيشن سان ساليانو 20 لک کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي رهيا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه عرصي کان فوج ۽ عسڪري قيادت خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، واضح طور تي شرڪت ڪندڙن کي بريف ڪيو ويو ته ڪنهن قسم جي سازش جون شاهديون ناهن، اهڙو ڪجهه ناهي  ٿيو، شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي طور ٻڌايو ويو ته ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي تازي سيشن تي ڪو تبصرو نه ڪندس، ڀارت لابنگ ڪئي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.