دعا زهرا جو انٽرويو: پيءُ قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي مان لاهور پهچي پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهرا طرفان مڙس سان گڏ انٽرويو ڏنو ويو جنهن تي دعا جي پيءُ مهدي ڪاظمي به رد عمل ڏنو آهي.

انٽرويو ۾ دعا پنهنجي مڙس ظهير جي تعريف ڪئي هئي ۽ چيو هو ته مرضي سان لاهور اچي ساڻس شادي ڪئي آهي.

دعا جي پيءُ مهدي ڪاظمي پنهنجي وديو بيان ۾ چيو آهي ته ڪالهوڪو انٽرويو سڌو سنئون ڪوڙ آهي، مون کي ان جو اندازو هو ته ان قسم جي وڊيو سامهون ايندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ٻيون وڊيوز به اچي وڃن.

هن چيو ته منهنجي ڌيءُ هن وقت هڪ مافيا جي هٿن ۾ آهي هو جيڪو وڻي کانئس چورائين ٿا، منهنجي ڌيءَ دٻاءُ ۾ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان هاڻي سپريم ڪورٽ وينداسين، هي سڀ وري غائب ٿي ويندا، جيڪا عورت منهنجي ڌيءَ جو انٽرويو ڪري رهي آهي سندس دعويٰ آهي ته هو پهرئين ڏينهن کان دعا زهرا سان رابطي ۾ هئي، کيس جلد عدالت مان نوٽيس ملي ويندو، پوءِ وري اها عورت پاڻ چوندي ته منهنجو ته ساڻس ڪو واسطو ئي ناهي ۽ خبر ئي ناهي ته جوڙو ڪٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.