پاڪستان آمريڪي عدالت ۾ نيشنل بئنڪ خلاف داخل ڪيس کٽي ورتو

پاڪستان آمريڪي عدالت ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ مالي مدد جي فراهمي وارن الزامن تي داخل ڪيس کٽي ورتو آهي.پاڪستان اهو ڪيس آمريڪا جي فيڊرل ڪورٽ آف نيويارڪ ۾ کٽيو آهي.

ذريعن موجب ڪجهه ورهيه اڳ افغانستان ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي حملي ۾ 9 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا، ان سلسلي ۾ نيويارڪ جي عدالت ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان تي دهشتگردي لاءِ مالي مدد جي فراهمي جي الزامن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس هارائڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي اربين ڊالرز جو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوي ۽ نيشنل بئنڪ جو ڏيوالو به ٿي پئي سگهيو ، جڏهن ته ڪيس هارائڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي فيٽف طرفان پڻ سخت ردعمل جو منهن ڏسڻو پوي ها.

اٽارني جنرل آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل بئنڪ جو اهو ڪيس اٽارني جنرل آفيس جي انٽرنيشنل ڊس پيوٽس يونٽ وڙهيو، ڪيس ۾ قانوني ٽيم جي قيادت احمد عرفان ڪئي، قانوني ٽيم کي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جو سهڪار پڻ حاصل رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.