آءِ ايم ايف جو دٻاءُ: پيٽرول ۽ ڊيزل ڪيترو مهانگو ٿيندو؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ جو واضح ڪري چڪو آهي پر عوام جي ذهن ۾ اهو سوال اُڀري رهيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟

آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تحت پيٽرول جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 10 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر تائين واڌ جي تجويز آهي.

مفتاح اسماعيل اشارو ڏنو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحن کان اڳ اسان کي پيٽرول جي قيمت 210 رپيا في ليٽر مان وڌائي ڪجهه ڏينهن ۾ 220 رپيا في ليٽر ڪرڻي پوندي.

اهڙي ريت ڊيزل جي في ليٽر قيمت به 205 رپين مان وڌائي 235 رپيا في ليٽر تائين ڪرڻ جي تجويز آهي.

واضح رهي ته حڪومت اڳ ئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 30-30 رپيا في ليٽر واڌ ڪري چڪي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.