آءِ ايم ايف خوش نه ٿيو، پاڪستان کان وڌيڪ قدمن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته شروعاتي جائزي موجب پاڪستان کي وفاقي بجيٽ مستحڪم ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم مقصدن موجب آڻڻ لاءِ واڌو قدمن جي ضرورت هوندي.

پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي ترجمان ايسٿرپيريز خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ کي غور سان ڏسي رهيا آهيون، ڪجهه اوڳاڙين ۽ خرچن جي وڌيڪ وضاحت لاءِ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

آءِ ايم ايف ترجمان  چيو ته شروعاتي جائزي سان لڳي ٿو ته بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت هوندي، بجيٽ کي آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم مقصدن موجب آڻڻ لاءِ به واڌو قدم کڻڻا هوندا.

هن چيو ته اسان جو عملو ان سلسلي ۾ اختيارين جي ڪوششن ۽ عام طور تي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ جون پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.