واٽس ايپ پنهنجي ڪروڙين واهپيدارن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن ته اوهان واٽس ايپ استعمال ڪندا آهيو ۽ اينڊرائيڊ فون بدران آءِ فون وٺڻ چاهيو ٿا ته ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسنجر جي قيمتي ڊيٽا ان خواهش لاءِ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيندي آهي.

هونئن ٻڌڻ ۾ ته اهو وڏو مسئلو ناهي لڳندو پر سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ استعمال ڪندڙ ڪروڙين ماڻهن لاءِ اينڊرائيڊ کان آءِ فون تي منتقل ٿيڻ جو مطلب ورهين جي پيغامن ۽ تصويرن کي الوداع چوڻ به هوندو آهي.

پر هاڻي اهو مسئلو ايپل ۽ واٽس ايپ گڏجي ڪري حل ڪري ڇڏيو آهي( پر ان لاءِ اوهان کي اڃا به انتظار ڪرڻو پوندو ) ايپل جي تيار ڪيل اينڊرائيڊ ايپ مووٽو آءِ او ايس پهريان ئي ماڻهن کي ڪنهن اينڊرائيڊ فون کان آءِ فون ۾ ڪانٽيڪٽس، ڪلينڊر، ايس ايم ايس پيغام ۽ تصويرون ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي.

هاڻي ان ايپ ذريعي ڊيٽا کي به اينڊرائيڊ کان آءِ او ايس ڊيوائس ۾ منتقل ڪرڻ جي سهولت ۾ واڌارو ڪيو ويو پيو وڃي.

ان بابت ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ ٻڌايو ته هو واٽس ايس چيٽ هسٽري، فوٽوز، ويڊيوز ۽ وائس ميسجز کي اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون ۾ محفوظ طريقي سان منتقل ڪرڻ جي سهولت جو واڌارو ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته واهپيدارن طرفان ان تمام گهڻو مطالبو ڪيو پيو وڃي، گذريل سال آءِ فون کان اينڊرائيڊ ديٽا منتقل ڪرڻ وارو فيچر پيش ڪيو ويو ۽ هاڻي اينڊرائيڊ کان آءِ فون لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي.

في الحال اينڊرائڊ ڊيوائسز جي لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ اها سپورٽ موجود آهي مطلب سمورن واهپيدارن کي ان سهولت کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو .

 

ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ آءِ او ايس 15.5 تي ڪم ڪندڙ آءِ فون، اينڊرائيڊ 5 يا ان کانپوءِ وارن ورجن تي ڪم ڪندڙ فون، مووٽو آءِ او ايس جي تازي ترين ورجن ۽ اينڊرائيڊ لاءِ واٽس ايپ جي تازي ترين ورجن جي ضرورت هوندي.

جڏهن ته اوهان اينڊرائيڊ فون تي مووٽو آءِ او ايس کي اوپن ڪندا ته اهاپاڻمرادو واٽس ايپ کي لانچ ڪري ڇڏيندي، جتي اوهان کي ڊيٽا آءِ فون ۾ ٽرانسفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي.

هي ايپ واٽس ايپ ڊيٽا کي انڪرپٽ ڪري ڇڏيندي آهي ته جيئن اها محفوظ رهي.

ان کانپوءِ جڏهن اوهان آءِ فون تي واٽس ايپ کي اوپن ڪندئو ته انڪرپٽڊ ڊيٽا جي ڊائون لوڊ ٿيڻ وارو عمل مڪمل ٿي ويندو، پر واهپيدارن جي لاگ ان ٿيڻ تائين اها ڊيٽا استعمال جوڳي نه هوندي.

هڪ دفعو لاگ ان ٿيڻ سان سمورا پيغام ۽ ٻي ڊيٽا واٽس ايپ جي آءِ او ايس ورجن ۾ نظر اچڻ لڳندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.