آءِ ايم ايف سان  عوام دشمن معاهدا تحريڪ انصاف حڪومت ڪيا: احسن اقبال

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جڏهن حڪومت ڇڏينداسين ته ملڪ ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو ٽري چڪو هوندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان اندڙ حڪومت کي ڦاسائڻ لاءِ پيٽرول تي سبسڊي ڏني، جڏهن 2018 ۾ حڪومت ڇڏي ته قرض 1500 ارب رپيا هيو ۽ هاڻي قرضن جي ادائيگي 4 هزار ارب رپيا آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاهدا تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيا، اتحادي حڪومت جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ هو ۽ حڪومت جي سخت فيصلن جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت زراعت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ زراعت جي شعبي کي سبسڊي ڏني آهي جيئن جنسون درآمد نه ڪرڻيون پون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.