پاڪستان ۾ پوليو جي 2 وڌيڪ ڪيسز جي تصديق

پشاور (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ وڌيڪ ٻن پوليو ڪيسز جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي موجب هلندڙ سال پوليو جا سڀ ڪيس اتر وزيرستان مان سامهون آيا آهن.

صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جو چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي بابت مهم جاري آهي، اتر وزيرستام ۾ پوليو پکڙجڻ کانپوءِ پوليو پروگرام جي هي ٽئين مهم آهي، وائرس جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين.

هن چيو ته والدين لاءِ لازمي آهي ته هو پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ٻارن کي پيارين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.