لاهور ( ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته پاڪ انگلينڊ سيريز جي ميزباني لاءِ پُرجوش آهيون، انگلش ٽيم هلندڙ سال مرحيلوار پاڪستان جو دورو ڪندي.
برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجه لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
British High Commissioner Christian Turner met PCB Chairman Ramiz Raja at the Pakistan cricket headquarters in Lahore to discuss this autumn’s England cricket teams’ tours to Pakistan. England will play seven T20Is in September and three Tests in November/December. pic.twitter.com/zCnm3uVf9S
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) June 14, 2022
پي سي بي چيئرمين ٻڌايو ته انگلش مداح ۽ ڪرڪيٽ ماهر دلچسپ ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ پاڪستان اچڻ چاهين ٿا.
ان موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسٽن ٽرنر چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي رت ۾ شامل آهي، هي راند ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي.
برطانوي هاءِ ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ 75 سالا دوستي جو به جشن ملهائي رهيا آهيون.