سچن ٽنڊولڪر کانپوءِ عُمران ملڪ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي: سنيل گواسڪر

اڳوڻو ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر نوجوان ڪرڪيٽر عُمران ملڪ مان تمام گهڻو متاثر نظر اچي رهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سنيل گواسڪر چيو ته آخري ڀيرو مان جنهن ڀارتي رانديگر کي ڏسي پرجوش ٿيو هئس اهو سچن ٽنڊولڪر هو ۽ هاڻي عُمران ملڪ جهڙي نوجوان کي ڏسي وري پُرجوش ٿي رهيو آهيان.

ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ شڪست تي سنيل گواسڪر ٽئين ميچ ۾ تبديلي تي پنهنجو موقف پيش ڪندي هن چيو ته ارشديپ سنگهه ۽ عُمران ملڪ جهڙن نوجوانن کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.