ويسٽ انڊين ڪپتان ڏيهه واپس ويندي پاڪستان لاءِ ڪهڙو پيغام ڏنو؟

ملڪي جي دوري تي آيل ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان نڪولس پُورن پاڪستان مان ويندي الوداعي پيغام جاري ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نڪولس پُورن چيو ته”  الوداع پاڪستان“

ان کانسواءِ ويسٽ انڊيز جي رانديگر شاءِ هوپ پڻ پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ الوداع چيو.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ آيل ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم گذريل ڏينهن واپس ڏيهه روانو ٿي هئي.

ويسٽ انڊيز ملتان ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز کيڏي هئي، جنهن ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي ڪلين سوئيپ ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.