جيڪڏهن اوهان به دماغ تيز ڪرڻ وارو فارمولو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هي خبر ضرور پڙهو

انساني جسم جو سب کان اهم حصو دماغ جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪم ڪري رهيو هجي ته سڄي جسم جي ڪارڪردگي بهتر رهندي آهي، جيڪڏهن دماغي طور تي ٿڪ محسوس ٿيندو رهي  يا مونجهاري جو شڪار ٿيڻ تي ان جي نتيجي ۾ اوهان جي روزاني بنيادن جا سمورا ڪم ڪار متاثر ٿي سگهن ٿا.

دماغي بيمارين جي ماهرن موجب دماغ جي صحت برقرار رکڻ لاءِ مڪمل ننڊ ڪرڻ ۽ بهترين خوراڪ جي چونڊ تمام گهڻو ضروري آهي ڇاڪاڻ ته دماغ جسم جو واحد عضو آهي جيڪو چويهه ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي .

انڪري جهڙي نموني اسان جسم جي ٻين عضون، جمڙي، وارن، اکين، جگر ۽ ڦڦڙن جي صحت جو بهتر خوراڪ ذريعي ڌيان رکندا آهيون، اهڙي نموني اسان کي پنهنجي دماغ جي صحت تي پڻ توجهه ڏيڻ گهرجي.

دماغ جي صحت لاءِ بهترين خوراڪ هيٺ ڏيجي ٿي.

ڊارڪ چاڪيلٽ

ڊارڪ چاڪليٽ ۾ ” ڪاڪائو “ موجود هوندو ، جيڪو اينٽي آڪسڊنٽ جي هڪ قسم فليوونوئڊز تي ٻڌل هوندو آهي.

اينٽي آڪسيڊنٽ دماغي صحت لاءِ خاص طور تي اهم آهي ڇاڪاڻ ته دماغ تيزابي اثرن کي برداشت ناهي ڪري سگهندو جنهن سبب دماغي بيمارن جا امڪان وڌي ويندا آهن.

انڪري ماهرن ڊاڪر چاڪليٽ کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڊارڪ چاڪليٽ کائڻ سان اوهان جي سکڻ جي صلاحيتن ۾ واڌارو ٿيندو آهي انڪري يادگيري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڊارڪ چاڪليٽ جو استعمال ضروري آهي.

هيڊ

هيڊ هڪ مشهور مصحالو آهي، جيڪا ٻوڙ رڌڻ جو هڪ اهم حصو آهي ۽ اها دماغي صحت جا مختلف فائدا پڻ فراهم ڪندي آهي، هيڊ بهتر يادداشت لاءِ پڻ ڪارائتي آهي، هيءَ جسم جي خلين جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيندي آهي ۽ ان ۾ شفا ڏيندڙ خاصيتون آهن، هيءَ ڊپريشن ۽ ذهني مونجهاري کي به گھٽائيندي آهي.

بيريز

بيريز جهڙوڪ اسٽرابيري، رسبري، بليو بيريز  وغيرا اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ ٻين غذائي جزن جو بهترين ذريعو آهن، ڪجهه اينٽي آڪسيڊنٽس ڪيفيڪ ايسڊ، ڪيٽيچن، اينٿوسيانين ۽ ڪوئر سيٽن آهن.

بيريز دماغي خلين جي وچ ۾ بهتر رابطي کي هٿي ڏينديون آحن، هي پلاسٽڪٽي کي وڌائڻ ۾ مدد ڪنديون آهن، جيڪو دماغي خلين جي وچ ۾ نئين رابطن جي جوڙجڪ کي هٿي ڏيندو آهي. سکڻ ۽ يادگيري کي بهتر بڻائيندو آهي.

نارنگي

نارنگي وڏي مقدار ۾ وٽامن سي فراهم ڪندي آهي، حقيقت ۾ هڪ وچولي سائز واري نارنگي هڪ ڏينهن ۾ وٽامن سي جي گهرج موجب ڪافي مقدار ۾ وٽامن سي فراهم ڪندي آهي جيڪا دماغي جهونائپ کي روڪڻ لاءِ هڪ ضروري  حصو آهي، انڪري گهڻي مقدار ۾ وٽامن سي جو استعمال دماغ جي صحت لاءِ ضروري آهي.

هڪ مطالعي موجب، رت ۾ وٽامن سي جي اعليٰ سطح کي يادداشت، ڌيان ۽ فيصلو ڪرڻ وارن ڪمن ۾ بهتري سان جوڙيو ويو آهي.

ٽماٽا

ٽماٽو غذائيت سان ڀرپور آهي، ٽماٽا اينٽي آڪسيڊنٽ لائڪوپين سان ڀرپور هوندا آهن، لائڪوپين دماغ کي خلين جي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪارائتو هوندو آهي.

آنا

صبح جو آنو کائڻ اثرائتي دماغي خوراڪ  آهي جنهن ۾ شامل وٽامن بي ۽ 12، فولڪ ايسڊ دماغ جي صحت لاءِ مددگار آهن.

ڪافي

ڪافي ڪيفين ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جو هڪ وڏو ذريعو آهي، ڪيفين جسم ۾ توانائي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي آهي، جڏهن ته دماغ جي صحت لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.