سوارا ڀاسڪر جو بي جي پي اڳواڻ جي حمايت ڪندڙ گنڀير کي ڀرپور جواب

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گستاخاڻو بيان ڏيندڙ بي جي پي اڳواڻ جي حمايت ڪرڻ تي اڳوڻي ڪرڪيٽر گوتم گنڀير کي اداڪارا سوارا ڀاسڪر تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ڀارت ۾ حڪمران جماعت بي جي پي طرفان گستاخاڻي بيانن تي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتون ردعمل ڏئي رهيون آهن.

ان معاملي تي اڳوڻي ڪرڪيٽر گوتم گنڀير چيو هو ته ”معافي گهرندڙ عورت خلاف سڄي ملڪ ۾ نفرت ۽ قتل جي ڌمڪين تي نالي ماتر سيڪيولر لبرلز جي چُپ يقينن ڪَن بند ڪرڻ جهڙي آهي“

گوتم گنڀير جي ٽوئيٽ تي ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

هن انسٽاگرام اسٽوري تي گوتم گنڀير جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته ”ان کي بلڊوزر جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي پر!“

واضح رهي ته بي جي پي اڳواڻن طرفان گستاخاني بيانن کانپوءِ ڀارت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مسلمانن جا گهر پڻ پٽ ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.