شوٽنگ دوران ديپيڪا جي طبيعت خراب

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ديپيڪا پڙوڪون جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي جنهن تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اداڪارا پنهنجي نئين فلم ڪي جي سيٽ تي هئي ته کيس گهٻراهٽ جي شڪايت ٿي.

کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سڀ ٺيڪ آهي جي رپورٽ ڏني جنهن کانپوءِ اداڪارا کي ٻيهر سيٽ تي آندو ويو.

ديپيڪا حيدرآباد ۾ سائوٿ انڊين اداڪار پرڀاس سان فلم جي عڪسبندي ۾ رڌل آهي.

هي پرڀاس سان سندس پهرين فلم هوندي جنهن ۾ اميتاڀ بچن ۽ ديشا پٽاني به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.