سنڌ بجيٽ: تعليم لاءِ 326.68، صحت لاءِ 219.78 ارب رپيا مختص

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 326.68 ارب رپيا رکي ڇڏيا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي چيو ته صحت لاءِ 219.78 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته امن امان لاءِ 152.08 ارب رپيا، ضلعي حڪومتن لاءِ 78.59 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ جي بجيٽ ۾ زراعت لاءِ 24.1 ارب رپيا، انرجي لاءِ 32.92 ارب، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 99.82 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

بجيٽ ۾ ٽرانسپورٽ لاءِ 13.2 ارب، سوشل ويلفيئر پروٽيڪشن لاءِ 3.83 ارب، اقليتن لاءِ 2.46 ارب، سڌارن جي پروگرام لاءِ 2.85 ارب رپيا ۽ آبپاشي لاءِ 56.61 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.