سُشانت سنگهه راجپوت جي موت بابت جاچ ادارا ڇا ٿا چون؟        

مرحوم ڀارتي اداڪار سُشانت سنگهه راجپوت جي ٻي ورسي جي موقعي تي سندس مداحن کيس ڀيٽا پيش ڪندي سوشل ميڊيا تي پيغامن جو مينهن وسائي ڇڏيو آهي.

ايم ايس ڌوني دي ان ٽولڊ اسٽوري ذريعي شهرت ماڻيندڙ 34 ورهين جي سُشانت سنگهه راجپوت 14 جون 2020ع تي پنهنجي رهائشگاهه مان مئل حالت ۾ مليو هو.

سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن ( سي بي آءِ ) انفورسمنٽ ڊائريڪٽوريٽ ( اي ڊي ) ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بورڊ ( اين سي بي ) اڃا تائين سُشانت جي موت جي جاچ ڪري رهيو آهي، سندن موجب سُشانت سنگهه راجپوت جي موت جو سبب مني لانڊرنگ ۽ منشيات ٿي سگهي ٿو.

اداڪار جي ٻي ورسي جي موقعي تي مداحن کيس ياد ڪندي ڀيٽا پيش ڪرڻ سميت  انصاف ۾ دير تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ مداح لکيو ته هي جسم آهي جيڪو مرندو روح نه، اوهان هميشه اسان جي دل ۾ رهندئو، اسين اوهان لاءِ دعا کانسواءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، خدا اوهان جي روح کي سلامت رکي، اسان اوهان سان محبت ڪريون ٿا.

هڪ واهپيدار چيو ته سُشانت سنگهه اهو نالو آهي جنهن لکين ماڻهن کي گڏ ڪيو، اهڙي شخصيت جنهن ويجهي تاريخ  جو سڀ کان وڏو انقلاب آندو ڇاڪاڻ ته سُشانت سنگهه راجپوت هر شعبي ۾ بهترين هو ۽ رهندو ۽ هو انصاف جو حقدار آهي.

واضح رهي ته سُشانت سنگهه راجپوت ڪائي پوچي، ايم ايس ڌوني دي ان ٽولڊ اسٽوري، پي ڪي، رابطا، ڇڇوري سميت ڪيئي سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا. پي ڪي ۾ ادا ڪيل پاڪستاني شاگرد سرفراز واري ڪرداري کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.