بلوچ شاگردن جي گمشدگين خلاف احتجاج تي ڪاهه، وڏي وزير نوٽيس ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه اسيمبلي سامهون ٿيندڙ احتجاجين خلاف طاقت جي استعمال جو نوٽيس ورتو.

واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي گم ٿيل بلوچ شاگردن جي آزادي لاءِ ۽ جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪيو ويو هو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز ۽ ايس ايس پي ويسٽ فرخ رضا به شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته واقعي جي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي، احتجاجين تي تشدد ۽ غير قانوني گرفتارين جي الزامن کي به جاچيو وڃي.

هن چيو ته ڪميٽي انڪوائري جي حقيقتن موجب پنهنجون سفارشون به رپورٽ ۾ ڏئي، ڪميٽي 7 ڏينهن ۾ پنهنجي انڪوائري رپورٽ تيار ڪري موڪلي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.