ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي قرباني جو اعتراف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي قرباني جي اعتراف ۾ آرٽس اينڊ سوشل سائنسز آڊيٽوريم چيني شهرين جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آرٽس اينڊ سوشل سائنسز آڊيٽوريم چيني شهرين جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، جنهن جو اعلان وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪندو.

سيد مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته ايندڙ مالي سال پوليس ۽ امن امان لاءِ بجيٽ 119 ارب رپين مان وڌائي 124 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.

هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ پوليس جي شهيدن ۽ زخمين کي 500 ملين رپيا امداد ڏني وئي، سنڌ پوليس جي اهلڪارن ۽ گهرڀاتين کي هڪ ارب رپين جي امداد ڏني وئي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت گذريل ٽن سالن ۾  2.24 ارب رپين جا هٿيار خريد ڪيا، هلندڙ مالي سال ۾ 23 ڪرائم يونٽس خريد ڪيا ويا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ 23 ڪرائم سين يونٽس خريدڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.