ايپل جو نئون آءِ او ايس 16 آپريٽنگ سسٽم ڪهڙن آءِ فونز ماڊلز لاءِ موجود نه هوندو؟

ايپل جي آءِ فونز لاءِ نئين آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس 16 کي سپٽمبر ۾ بظابطا طور واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

ان آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪيئي نوان فيچرز پيش ڪيا ويندا جن بابت ڪمپني پنهنجي سالياني ڪانفرنس ڊبليو ڊبليو ڊي سي دوران ٻڌايو آهي.

انهن ايندڙ فيچرز ۾ ميسجز ايپ ذريعي موڪليل پيغام کي ايڊٽ ڪرڻ، نئين پرسنلائز ٽولز ۽ دوستن سان فوٽو لائبريري ونڊڻ جو نئون طريقو ذڪر جوڳو آهي.

پر آءِ او ايس 16 کي سمورن آءِ فونز تي اپ ڊيٽ ڪرڻ ممڪن نه هوندو.

ايپل جو نئون آپريٽنگ سسٽم رڳو آءِ فون 8 يا ان کانپوءِ وارن ماڊلز لاءِ موجود هوندو ۽ 2016ع يا ان کان پهريان وارن فونز ۾ اهو اپ ڊيٽ نه ٿي سگهندو.

مطلب جيڪڏهن اوهان آءِ فون 6 ايس، آءِ فون ايس اي ۽ آءِ فون 7 استعمال ڪري رهيا آهيو ته اوهان لاءِ ايپل جي سافٽ ويئر اپ ڊيٽس موجود نه هوندا.

هي غيرامڪاني فيصلو ناهي ڇاڪاڻ ته ايپل طرفان پراڻي ڊيوائسز لاءِ سافٽ ويئر سپورٽ کي هر سال ختم ڪيو ويندو آهي.

پر واضح رهي ته نئين آءِ او ايس سسٽم تائين پهچ ختم ٿيڻ کانپوءِ به اوهان جو پراڻو آءِ فون ڪم ڪندو رهندو، بس رڳو نون فيچرز کان محروم رهجي ويندو.

نئين آءِ او ايس اپ ڊيٽس تائين پهچ ختم ٿيڻ سان هيڪنگ ۽ ميل ويئر جو خطرو وڌندو آهي ڇو جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽس ۾ بگز جي روڪٿام پڻ ڪئي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.