ڊالر جو قدر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي تازي معاشي صورتحال سبب انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

ڪاروبار دوران آمريڪي ڊالر 1.76 رپيا واڌ سان 205.61 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قدر ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

آءِ ايم ايف شرطن موجب وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ باوجود آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۾ دير، چين کي ٻه ارب ڊالرن جي ادائيگين سان گڏ وڌيڪ اڍائي ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جهڙن عملن سان ڊالر جي ٻيهر اڳڀرائي جاري آهي.

گذريل ڏينهن ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 203 رپين کان وڌي ويو هو، جڏهن ته اوپن ريٽ 205 رپين تي سطح تي اچي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.