” اتر ڪوريا هڪ وڌيڪ ايٽمي تجربي جي تياري مڪمل ڪري ورتي“

ڏکڻ ڪوريا دعويٰ ڪئي آهي اتر ڪوريا هڪ ٻئي ايٽمي تجربي جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير وچ ۾ سومر واري ڏينهن ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير پرڪ جن دعويٰ ڪندي چيو ته اتر ڪوريا هڪ ٻئي ايٽمي تجربي لاءِ پنهنجي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ رڳو ملڪ جي قيادت جو سياسي فيصلو ئي هاڻي ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهي ٿو.

ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير چيو ته اتر ڪوريا طرفان اهو ستون ايٽمي تجربو هوندو، جيڪڏهن اتر ڪوريا اهو تجربو ڪيو ته کيس ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته جيڪڏهن اتر ڪوريا پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته مٿس لاڳو پابندين ۽ اسان جي مزاحمت ۾ واڌارو ايندو تنهنڪري اتر ڪوريا کي ان سلسلي ۾ پنهنجي سوچ بدلائيندي درست فيصلو ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين سان گڏجي ڪري شين کي انتهائي ويجهو کان ڏسندي سهڪار سان گڏ هنگامي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون.

ٻنهي پرڏيهي وزيرن اتر ڪوريا لاءِ غيرمشروط طور تي ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ تي پڻ زور ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.