ڪراچي وارن لاءِ بُري خبر، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اپريل جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي 5 رپيا 28 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪي اليڪٽرڪ جي اپريل جي ماهوار فيول چارجز ۽ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽرز ۾ عوامي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي، جنهن جي صدارت نيپرا چيئرمين انجنيئر توصيف ايڇ فاروقي ڪئي.

ان واڌ سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي تقريبن 10 ارب رپين جو واڌو بار پوندو پر نيپرا تفصيلي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن پوءِ جاري ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.