سنڌ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس فري بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا 1700 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس فري بجيٽ منظور ڪري ورتي.

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ڪابينا بجيٽ منظور ڪري ورتي.

سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڪاٿو 1700 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، جيڪا ٽيڪس فري بجيٽ آهي.

ان حوالي سان وڏي وزير جو چوڻ هو ته هيءَ غريبن جي بجيٽ آهي، ڪابينا ميمبرن ۽ اسٽيڪ هولڊرن جي مدد سان ٺاهيل بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.