سمورا معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ  ئي بجيٽ جو عمل اڳتي وڌي سگهندو: پرويز الاهي

لاھور( ويب ڊيسڪ )  پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب جي بجيٽ اڄ پيش ٿي ويندي، پر سمورا معاملا طئه ٿيڻ بعد ئي بجيٽ جو عمل اڳتي وڌي سگهندو، اسيمبلي ۾ اوپري ماڻهو کي نٿو ويهاري سگهجي.

هڪ بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته اوپري ماڻهو کي نٿو ويهاري سگهجي، آئين تحت اسان کي ڪنهن به سڏائڻ جو اختيار ناهي، ٻار اچي ويا آهن،ٻار اچي ويا آهن، کين سمجهه ناهي ته هائوس ائين نه هلي سگهندو آهي.

هن چيو ته کين معافي گهرڻي پوندي، هي هائوس جو معاملو آهي، اڄ پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ پيش ٿي ويندي پر سمورا معاملا طئي ڪنداسين بجيٽ جو عمل اڳتي هلي سگهندو.

پنجاب اسيمبلي جي اسيپڪر جو چوڻ هو ته اسان جي خلاف ڪيسز ٺاهيا ويا،  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي اسيمبلي اچڻو پوندو، وڏو وزير به ايوان جو هڪ ميمبر آهي، کيس رولز تحت هلڻو پوندو، ايوان ۾ اسان جو انگ انهن کان گهڻو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن بدنظمي سبب اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيوويو هو ۽ صوبي جي بجيٽ پيش نه ٿي سگهي هئي جنهن کانپوءِ بجيٽ لاءِ اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.