60 کان 80 هزار رپيا مهينو ڪمائيندو آهيان: دعا جو مڙس

لاهور (م ڊ) پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا ۽ سندس مڙس جو پهريون انٽرويو سامهون آيو آهي جنهن ۾ دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد جو چوڻ آهي ته هو 60 کان 80 هزار رپيا مهينو ڪمائيندو آهي.ظهير احمد چيو ته پنجاب مان ايف ايس سي پري ميڊيڪل ڪيو آهي ۽ موبائيل فونز جي خريد ۽ وڪري جو ڪم ڪندو آهيان، آءِ فونز ٺهرائي کپائيندو آهيان. هن چيو ته اسان بابت جيڪي به ڳالهيون ٿين پيون اهي ڏسندو رهندو آهيان، اسان ته کلندا رهندا هئاسين ته اهڙو ڪجهه ناهي جيئن ڏيکاريو پيو وڃي. هن چيو ته اسان کي وڪيلن به روڪيو هو ته ميڊيا تي ڪجهه نه چئجو. ظهير چيو ته اسان شروع ۾ پب جي تي ملياسين ۽ پوءِ ڳالهيون شروع ٿيون پر پوءِ دعا جي گهروارن سندس گيم کيڏڻ تي پابندي لڳائي.اسان پب جي کانسواءِ ٻين گيمز تي رابطو شروع ڪري ڇڏيو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.