پنجاب اسيمبلي ۾ گوڙ، بجيٽ پيش نه ٿي

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي صوبائي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطا تارڙ کي ايوان کان ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪيترائي ڪلاڪ دير ۽ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڳالهين کان پوءِ بجيٽ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبر چوڌري ظهير الدين اعتراض ڪيو ته ايوان ۾ هڪ اڻ لاڳاپيل گھڙي آيو آهي، ان کي ٻاهر ڪڍيو وڃي.اسپيڪر سوال ڪيو ته اهو اڻ لاڳاپيل ڪير آهي؟ جس تي چوڌري ظهر الدين چيو ته عطا تارڙ اڻ لاڳاپيل آهي، هو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ناهي، هو ايوان ۾ نٿو ويهي سگھي. اسپيڪر عطا الله تارڙ جي ايوان ۾ موجودگي تي رولنگ ڏئي ڇڏي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته عطا تارڙ کي ايوان کان ٻاهر وڃڻو پوندو.اسپيڪر پرويز الاهي عطا تارڙ کي ايوان مان ڪڍڻ لاءِ سارجنٽ ايٽ آرمز کي گھرايو ۽ چيو بهتر آهي ته تارڙ صاحب کي عزت سان ٻاهر ڇڏي اچو.حڪومتي ميمبر عطا الله تارڙ اڳيان اچي ويا ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ گوڙ گمسان شروع ٿي ويو، اپوزيشن ميمبرن ”گو تارڙ گو“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.ٻئي پاسي عطا تارڙ به ايوان مان وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.