سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت  لينڊگريننگ  ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار محمد عمر جي عارضي ضمانت 50 هزار جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي.عدالت جوابدارکي پوليس کان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.پوليس ملير جي علائقي مان محمد عمر کي گرفتار ڪيو  هو.

  • گستاخاڻو بيان، چين جو رد عمل به سامهون اچي ويو

بيجنگ (م ڊ) پيغمبر اسلام بابت گستاخاڻو بيان ڏيڻ تي چين به هندو انتهاپسند  ڀارتي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته انا ۽ نسلي ۽ مذهبي فرق کي ختم ڪرڻ، پنهنجن ۽ ٻين وچ ۾ فرق کي سمجهڻ ۽ تهذيبن وچ ۾ امن کي هٿي ڏيڻ انتهائي اهم آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پيغمبرِ اسلام بابت گستاخ بيانن جي ڪري نريندر مودي جي حڪومت ڀارت ۾ جيڪا صورتحال پيدا ڪئي آهي اميد آهي ته ان ۾ جلد بهتري ايندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.