ڪراچي ۾ بلوچ نوجوان کنڀجڻ خلاف احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي، عورتن ۽ ٻارن تي به تشدد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي ٻن لاپتا بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ  بلوچ عورتن ۽ ٻارڙن جي احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي ۽ تشدد بعد ڪيترائي گرفتار، معصوم ٻارڙا به زخمي ٿي پيا  ڪراچي  يونيورسٽي جي ٻن لاپتا بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ بلوچ عورتن ۽ ٻارڙن پاران احتجاج ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال تي ويٺل بلوچ عورتن ۽ سي ٽي ڊي اختيارين وچ ۾ ٿيل ڳالهين تان سي ٽي ڊي اختيارين پاران ڦري وڃڻ کان پوءِ بلوچ عورتن ۽ مردن پاران بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي آرگنائيزر آمينه بلوچ، وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي ڊپٽي سيڪريٽري سمي بلوچ، هيومن رائيٽس اڳواڻ پروفيسر رياض ۽ نغمه اقتدار وزيراعليٰ هائوس ڏانهن احتجاجي مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن دوران پوليس کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن دوران مظاهرين وزيراعليٰ هائوس وڃڻ بدران سنڌ اسيمبلي طرف مارچ شروع ڪري ڏنو جنهن تان پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هلندڙ هئڻ سبب پوليس پاران مظاهرين کي اسيمبلي طرف وڃڻ کان روڪڻ لاءِ وڏي انگ ۾ اٽالا طلب ڪيا ويا جنهن دوران مظاهرين سنڌ اسيمبلي ويندڙ رستي کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. رستو بلاڪ ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي وڏي انگ ۾ گاڏيون گڏ ٿي ويون ۽ ٽريفڪ مڪمل جام ٿي وئي جنهن دوران پوليس اهلڪارن مظاهرين مٿان تشدد بعد عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته معصوم ٻارڙن سميت ڪجهه مظاهرين زخمي ٿي پيا. مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ هو ته آچر ڏينهن شام جو سي ٽي ڊي اختيارين کين لاپتا شاگردن جي جلد بازيابي جو يقين ڏياريو ويو جنهن کان پوءِ احتجاجي ڌرڻي کي عارضي طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ان ڏس ۾ مظاهرين ۽ سنڌ پوليس وچ ۾ لکت وارو معاهدو ٿيو هو جنهن تان سنڌ پوليس ڦري وئي. هنن ٻڌايو ته 7 جون 2022ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ بلوچستان جي ڪيچ ضلعي سان تعلق رکندڙ ٻن شاگردن کي ڪراچي مان لاپتا ڪيو ويو. هنن ٻڌايو ته ڪراچي جي مسڪن چورنگي وٽ واقع گهر تي ڇاپو هڻي دودا بلوچ ولد الاهي بخش ۽ غمشاد بلوچ ولد غني بلوچ کي حساس ادارن جي اهلڪارن جبري طور لاپتا ڪري ڇڏيو آهي. هنن ٻڌايو ته دودا بلوچ ڪراچي يونيورسٽي جي فلاسافي شعبي ۾ ٽئين سيميسٽر جڏهن ته غمشاد بلوچ پنجين سيميسٽر جا شاگرد آهن. دودا بلوچ جو تعلق تربت شهر جڏهن ته غمشاد بلوچ جو تعلق مند شهر آهي. هنن الزام هنيو ته حساس ادارا بلوچن کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي حراست ۾ وٺي گم ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڪراچي ۾ تعليم پرائيندڙ بلوچ شاگردن کي خاص نشانو بڻايو وڃي. هنن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان ٻنهي شاگردن جي بازيابي، گرفتار ٿيل عورتن ۽ مردن جي آزادي ۽ بلوچن سان ناجائزيون بند ڪرڻ جا مطالبا ڪيا. هنن ٻڌايو ته سندن پرامن احتجاج مٿان پوليس ڪڙڪي پئي ۽ بيگناهه مظاهرين مٿان تشدد بعد گرفتاريون ڪيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.