ملڪ ۾ عيد 10 جولاءِ آچر ڏينهن ٿيڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) فلڪياتي ماهرن پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ جي تاريخ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ڪراچي يونيورسٽي  جي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي جي سربراهه ۽ فلڪياتي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اقبال اڳڪٿي ڪئي آهي ته عيد الاضحيٰ 10 جولاءِ آچر ڏينهن ٿيندي ۽ عاشوري جو ڏينهن 8 آگسٽ سومر تي هوندو.  هن چيو ته 29 جون تي اسلامي تاريخ به 29 ئي هوندي، جڏهن ان ڏينهن سج لهندو ته چنڊ جي پوزيشن يعنيٰ آلٽي ٽيوٽ 5 ڊگري کان گهٽ هوندو ۽ سج ۽ چنڊ جي ٻڏڻ جو دورانيو (وقفو) 30 منٽ هوندو.ماهرن موجب ان وقت چنڊ نظر نه اچي سگهندو ۽ پهرين ذي الحج پهرين جولاءِ تي ۽ عيد الاضحيٰ 10 جولاءِ تي ٿيندي، جڏهن ته پهرين محرم الحرام 30 جولاءِ ۽ عاشوري جو ڏينهن 8 آگسٽ تي ٿيندو. 03

  • سون جي اگهه ۾ واڌ، في تولو  لک 42 هزار کان وڌي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي وئي.  سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 650  رپيا واڌ سان هڪ لک 42 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 557 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 22 هزار 428 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 13 ڊالر واڌ سان 1858 ڊالر في اونس آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.