آصف زرداري چوڌرين وٽ پهتو، شجاعت سياست جو اثاثو قرار

اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين کي پاڪستاني سياست جو اثاثو قرار ڏئي ڇڏيو. آصف علي زرداري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي رهائشگاهه پهتو، جتي چوڌري شجاعت حسين، طارق بشير چيما، شافع حسين ۽ سالڪ حسين سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته قومي حڪومت ق ليگ سان گڏ ۽ ق ليگ قومي حڪومت سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته ق ليگ جا ٻئي وفاقي وزير اسان جي حڪومت جو اهم حصو آهن، جڏهن ته چوڌري شجاعت پاڪستاني سياست جو اثاثو آهي چوڌري شجاعت چيو ته مسلم ليگ ق قومي حڪومت سان ساٿ ڏيڻ جو واعدو نڀائيندي رهندي. طارق بشير  چيما چيو ته اڳوڻو صدر اسان کي ڪابينا جو حصو بڻجڻ تي مبارڪ ڏيڻ آيو.   03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.