سنڌبجيٽ اڄ پيش، پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نئين مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪندو، بجيٽ ۾ ڪو به واڌو ٽيڪس نه لڳائڻ جو امڪان آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ خساري واري هجڻ جو امڪان آهي، صوبي جي نئين مالي سال جي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 17 سئو ارب رپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي، سنڌ جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 332 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، سنڌ جي مالي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ 200 ارب رپيا مختص ڪرڻ ۽ صوبي جي مڙني اسپتالن جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو جي واڌ ڪئي ويندي. نئين مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي، اڄ اڱاري ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري بعد وڏو وزير جنهن وٽ ناڻي جو قلمدان پڻ آهي سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. وفاق کان سنڌ کي اين ايف سي جي حصي جي مد ۾ 1050 ارب رپيا، صوبائي ٽيڪسن جو هدف 374 ارب رپيا رکيو ويو آهي، اشتهارن جي بجيٽ 4 ارب مان وڌائي 8 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. ڪراچي جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 30 ارب رپيا مختص هوندا. تعليم لاءِ 326 ارب، صحت لاءِ 220 ارب رپيا بجيٽ مختص هوندي. امن امان لاءِ 132 ارب ۽ سنڌ پوليس لاءِ 115 ارب مختص هوندا. صوبي ۾ توانائي جي لاءِ نئين بجيٽ ۾ 33 ارب، زراعت لاءِ 24 ارب رکيا ويا آهن. شاهراهن ۽ ٻين تعميرات جي لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. آبپاشي لاءِ 36 ارب، هيلٿ رسڪ الائونس جي لاءِ 17.5 ارب رپيا خرچ ٿيندا. ٽرانسپورٽ منصوبن لاءِ 13 ارب کان وڌيڪ، سوشل ويلفيئر لاءِ 4 ارب رپين جي ويجهو رقم مختص ڪئي وئي آهي. دل جي بيمارين کان ڇوٽڪاري واري اداري لاءِ 12.5 ارب، پي پي ايڇ آءِ لاءِ 11.48 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايس آءِ يو ٽي لاءِ 7 ارب رپين مان وڌائي 10 ارب رپيا ڪيا ويا آهن. گمبٽ اسپتال لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي ٽراما سينٽر لاءِ 2.4 ارب ۽ انڊس اسپتال کي هڪ ارب رپيا ملندا. سنڌ حڪومت جي سٽيزن بجيٽ ۾ صحت، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل پروٽيڪشن ترجيحن ۾ شامل آهن. ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت پروگرام کي سنڌ جي وڌيڪ ضلعن ۾ واڌ ڏني ويندي، شاگردن جي اسڪالر شپ، نوجوانن کي وڪيشنل ۽ آءِ ٽي ٽريننگ سان گڏ وظيفا ڏنا ويندا. سنڌ حڪومت نائين مالي سال ۾ ٽرانسپورٽ جون نيون اسڪيمون شامل هونديون، ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام جي لاءِ جامع اسٽڊي ڪرائي ويندي، ايندڙ مالي سال ۾ ڪراچي لاءِ 500 اليڪٽرڪ بسن جي اسڪيم مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. حيدرآباد لاءِ بي آر ٽي اسڪيم آئينده مالي سال جي بجيٽ ۾ مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. پيپلز انٽرا سٽي منصوبي تحت حيدرآباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لاءِ ڊيزل هاءِ برٽ بسون هلايون وينديون. ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام جي اسٽڊي لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص هوندي. 21 جون کان ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جو پهريون پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبو شروع ٿيندو، پهرئين مرحلي ۾ ٽن روٽن تي ايئرڪنڊيشن بسون هلايون وينديون. مالي سال 23-2022ع لاءِ بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪراچي لاءِ 41 ارب رپيا فارن فنڊ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ييلو لائن بي آر ٽي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.مادل ڪالوني رستي يونيورسٽي روڊ، نمائش چورنگي، ريڊ لائن، بي آر ٽي لاءِ 12 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبن تي 51 ارب رپيا خرچ ڪندي. پرڏيهي امداد سان هلندڙ ڪراچي جا 6 منصوبا بجيٽ ۾ شامل هوندا. ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال، پارڪس، رستن جي تعمير، سالڊ ويسٽ منصوبن لاءِ 11 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. پرڏيهي امداد سان سکر ۾ اسپتال، سکر بئراج جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي گڏيل سهڪار سان ڪراچي ۾ وومين يونيورسٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو آهي، وومين يونيورسٽي ڪراچي لاءِ ٽن عمارتن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ميان شهباز شريف وومين يونيورسٽي ڪراچي لاءِ آئينده مالي سال ۾ مڪمل فنڊنگ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ حڪومت وومين يونيورسٽي ڪراچي جي لاءِ زمين جي فراهمي سان گڏ ٻيا خرچ ڪندي. خاتون پاڪستان گرلز ڪاليج، اپوا گرلز ڪاليج ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج نارٿ ڪراچي کي وومين يونيورسٽي بڻائڻ جي تجويز آهي. ضلعي ترقياتي پروگرام جي خرچن جو ڪاٿو 30 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.