پي ٽي آءِ ناراض اسيمبلي ميمبرن خلاف خارج ٿيل ريفرنس چئلينج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ناراض اسيمبلي ميمبرن خلاف خارج ٿيل ريفرنس کي چئلينج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست  داخل ڪرائي ڇڏي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي اپيل ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرآئيني آهي، جنهن کي فوري طور رد ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 11 مئي تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن خلاف ريفرنس خارج ڪيو هو جيڪو عمل غيرآئيني آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اڳيان سمورا ثبوت هئا پوءِ به شاهدي نه هجڻ جو جواز ڏئي ريفرنس خارج ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن کي جهموريت جي بقا لاءِ هارس ٽريڊنگ ۽ فلور ڪراسنگ ڪرڻ خلاف فيصلو ڏيڻ گهرجي، عمران خان پنهنجي درخواست ۾ راجا رياض کي کي ڌر بڻايو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.