راڌڻ پوليس زيادتي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي ڇڏي ڏنو

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) راڌڻ شھر جي يتيم نينگري سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار پ پ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جو ويجھو مائٽ ھئڻ سبب سفارش ۽ پوليس کي وڏي رشوت ڏيڻ تي لاڪ اپ مان آزاد ٿي ويو،ڪيس به داخل نه ڪيو ويو. گذريل ڏينھن ڳوٺ شريف جوڻيجو لڳ 13 سالن جي يتيم نينگري  رومانا جانوري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي،نينگري جي رڙين تي ڳوٺاڻن پھچي نياڻي کي ڇڏايو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.پوليس جوابدار دربان عرف ددو جانوري کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو. بعد ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جو ويجھو عزيز ھئڻ سبب جوابدار کي سفارش ۽ رشوت ڏيڻ سبب لاڪ اپ مان آزاد ڪيو ويو.ٻئي طرف جوابدار کي لاڪ اپ مان آزاد ڪرڻ جو ايس ايس پي دادو عرفان سمون نوٽيس وٺي ڇڏيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.