ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، پوليس 6 ڏوھارين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 6 ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سنسن قبضي مان ھٿيارن سميت ٻيو سامان ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد الھادي ڪمپني ڀرسان شھرين کان  ڦر جي دوران اطلاع تي پوليس پھچي وئي پوليس جوابدارن ۾ مقابلو شروع ٿي ويو پوليس موجب مقابلي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو محمد علي ولد لياقت علي ۽ نور دين ولد فقير محمد زخمي ٿي پيا . پوليس قبضي مان 2 پستول ھڪ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي. گلشن اقبال ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بلاڪ 5 ميانوالي  پلينٽيف ڀرسان گھر نمبر 264 ۾ ڦر دوران مزاحمت گھر مالڪ فصيع الله ولد شفيع الله جي فائرنگ ۾ ڦورو حبيب ولد اسلم زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو . نيو ڪراچي انڊسٽريل ٿاڻي جي پوليس نيو ڪراچي سيڪٽر 6B صديق قبرستان جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 2 ملزمنن مشرف ولد وزير ۽ عبدالرحمان ولد محمد جان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي 2 پستول . موٽر سائيڪل ۽ چرس ھٿ ڪري ورتو. شاھ فيصل ڪالوني ٿاڻي جي حد شاھ فيصل ڪالوني نمبر 5 بند ندي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڦورو عثمان ولد محمد آصف کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو.

  • ورلڊ بلڊ ڊونرز ڊي اڄ ملهايو ويندو

فيصل آباد (اي پي پي) فيصل آباد سميت سڄي ملڪ ۾ رت جي عطين جو عالمي ڏينهن (ورلڊ ڊونرز ڊي) اڄ ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو.ڄاڻايل ڏينهن جي منسبت سان خاص تقريبون، ڪانفرنسز، ورڪشاپس ۽ ٻيا پروگرامز منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته عوامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ واڪس پڻ منعقد ڪيون وينديون ۽ بلڊ ڪيمپس پڻ لڳايا ويندا جتي شهري ٿيليسيميا ۽ رت جي گهٽتائي جو شڪار ٻين مريضن کان علاوه حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن لاءِ رت جا عطيا فراهم ڪيا ويندا. صحت جي عالمي اداري، صحت کاتي، پاڪستان ميڊيڪل ايسو سي ايشن، اسلامڪ ميڊيڪل ايسو سي ايشن، بلڊ ڊونرز ايسو سي ايشن، علي زيب فائونڊيشن، ٿيليسيميا بلڊ ڊونيشن سينٽرز ۽ ٻين لاڳاپيل تنظيمن جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن، وڏين فيڪٽرين ۽ پبلڪ هنڌن تي رت جا عطيا جمع ڪرڻ جي مهم پڻ هلائي ويندي.

  • اين اي 240 ننڍي چونڊ، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اين اي 240 تي ٿيندڙ ننڊي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ آزاد اميدوار محمد اختر چونڊ نشان بدلي ڪرڻ لاءِ عدالت پهچي ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  آزاد ميدوار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي29 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو. عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان درخواست ٻڌڻي جي قابل آهي يا نه آهي، دليل گهري ورتا. عدالت اين اي 240 تي ٿيندڙ  ننڊي چونڊ فوري ملتوي ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي. جسٽس جنيد غفار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽن ڏينهن کان پوءِ چونڊ ٿي رهي آهي، اسان ان کي ڪهڙي طرح روڪي سگهون ٿا.درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته مون سان ظلم ٿيو آهي، مون کي ٻارن سميت غير قانوني طور تي حراست ۾ رکي نشان بدلي ڪرايو ويو.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان دير ڪري ڇڏي آهي، اسان چونڊ روڪي نه ٿا سگهون، جيڪڏهن اوهان کي اعتراض هو ته پهرين عدالت سان رجوع ڪيو ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.