نه وزير نه مشير، جيالي جو سرڪاري پروٽوڪول، وڊيو وائرل

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بخشاپور ۾ پ پ  اڳواڻ امير تيمور ڊومڪي پوليس پروٽوڪول ۾ پنهنجي پينل جي اميدوارن جي ورڪ ڪرڻ لڳو، سندس اڳيان ۽ پويان سرڪاري پوليس موبائلون ڏسي علائقي جا ماڻهو سمجهن ٿا ته ڄڻ ڪو وزير يا ڪو اعليٰ آفيسر اچي ويو آهي. امير تيمور ڊومڪي جي  غيرقانوني پروٽوڪول جون وڊيو سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويون. هڪ پاسي ملڪ مهانگائي جي بدترين بحران مان گذري رهيو آهي ته ٻئي پاسي پ پ جي هن لاڏلي ورڪر جو سرڪاري خرچ سنڌ حڪومت جي خزاني مان ٿي رهيو آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ جيالي جي پروٽوڪول جا وڊيوز رکي ماڻهو سنڌ حڪومت کان سوال پيا ڪن ته ڇا هي خرچ جيڪو غيرقانوني آهي، اهو اسان جي ٽيڪس مان پيو ٿئي يا جيالا پنهنجي ذاتي خرچ تي عوام کي ٽريلر ڏيکاري رهيا آهن. ذريعن وٽان مليل  اطلاعن موجب ووٽ وٺڻ لاءِ ويل امير تيمور ڊومڪي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي پنهجي رشتيدار شيراز ڊومڪي کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي گم ڪرائي ڇڏيو آهي، ان ڪري بخشاپور ۽ بڊاڻي جي شهرين ۾ مايوسي ڇانئجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.