ڪراچي ۾ نشي آور شربت پياري 22 پورهيتن کان ڦر

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ڀرسان بندرگاھ ريلوي گدام ۾ نشي آور شربت پيئڻ سان 22 پورهيتن جي حالت خراب ٿي  وئي، جن کي بيھوشي جي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. متاثر پورهيتن ۾ 26 سالن جو شان، 25 سالن جو علي، 20 سالن جو محمد علي،  20 سالن جو علي مراد، 29 سالن جو صائم،30 سالن جو جعفر پٽ قمر، 18 سالن جو عرفان، 28 سالن جو قاسم، 25 سالن جو ارشد، 22 سالن جو عبدالحميد،22 سالن جو يار محمد، 27 سالن جو ڪاشف،27 سالن جو سراج،20 سالن جو فيصل،35 سالن جو مير زادا، 30 سالن جو خميسو،21 سالن جو امير، 28 سالن جو سردار  ۽ 27 سالن جو فياض شامل آهن. پوليس ذريعن موجب پورھيت ريلوي گدام جي اندر ۽ ٻاھر نيم بيھوشي جي حالت ۾ پيل هئا، جن کي فوري طور سول اسپتال پھچايو ويو. مزدور ريلوي گدام جي ڀرپاسي عارضي رھائش پزير آهن. پورھيتن دعوي ڪئي ته اسان کي نشي آور شربت پياريو ويو، بيهوش ڪرڻ بعد اسان جي کيسن مان روڪ رقم، موبائل فونز ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪيو ويو. پوليس مبينا ٻن جوابدارن عارف ۽ الله ڏتو کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو  جڏهن ته 4 جوابدار راشد،پيٽو، امير بخش ۽ ملنگي فرار ٿي ويا.هوڏانهن واقعي  بعد ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار  سول اسپتال پهچي متاثرن جي عيادت ڪئي.ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار موجب  واقعو ريلوي پوليس جي حد ۾ پيش آيو، واقعي ۾ ملوث 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، شربت جو سامان ٽرڪ ڊرائيور کڻي آيو ھو ۽ ڇهن ماڻھن گڏجي شربت تيار ڪري پورھيتن کي پياريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.