مڪاني چونڊون، غير معمولي سڪيورٽي پلان تيار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مرحليوار مڪاني چونڊن جي موقعي تي سنڌ جي  سمورن ضلعن ۾ سڪيورٽي جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ وڌيڪ ضروري هدايتون ڏنيون ويون.آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ يونين ڪائونسلن ۽ پولنگ اسٽيشنن جي تفصيلن کي انتهائي حساس ۽ نارمل ڪلاس ۾ ورهائي ڏوهن جي باقاعده تجزيي جي بنياد تي ترتيب ڏني وڃي ۽ هڪ غير معمولي سڪيورٽي پلان تيار ڪيو وڃي، جنهن لاءِ وڌيڪ ضروري قدم کنيا وڃن. بلدياتي چونڊن جي موقعي تي هر سطح تي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ بلدياتي چونڊن جي پلان ۽ مشاورتي عمل ۾ انهن جي شموليت جي حوالي سان مستقل رابطي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ تيار ڪيل سڪيورٽي پلان کي ٻين سمورن مرحلن لاءِ منظم ۽ مربوط طريقي سان ڪم ڪيو وڃي ته جيئن سمورن سڪيورٽي اپائن کي وڌيڪ سخت ۽ فول پروف بڻائي سگهجي. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن دوران اميدوارن ۽ ووٽرن لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل ضابطا اخلاق ۽ اصولن جي پاسداري ۽ احترام لاءِ سمورا معاملا ۽ اپاءَ ورتا وڃن.هن هدايت ڪئي ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي موقعي تي لاڳو ڪيل قلم 144 تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ پوليس کي ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ جانبداري کان ڪم وٺڻ نه ڏنو ويندو، پوليس کي هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي پر ڏنل حڪمت عملين ۽ قدمن تي عمل به ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ، ويلفيئر، ايڊمن، آپريشنز، فنانس، لاجسٽڪ سنڌ ۽ ٻين آفيسرن جي اي آءِ جيز شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.