منگهو پير يوسي تڪبندي ۾ تبديلي،اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ مڪاني چونڊن ۾منگهو پير جي  يونين ڪائونسل جي تڪ بندين جي حوالي سان داخل درخواست تي اليڪشن ڪميشن سنڌ، چيف سيڪريثري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري  20 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.درخواست گذار محمد اڪرم نيازي پنهنجي موقف ۾ چيو ته يونين ڪائونسل 9 کي يونين ڪائونسل 14،15۽ 16 ۾شامل ڪيو آهي، اها تڪبندي سياسي بنيادن تي ڪئي وئي آهي، ڪالعدم قرار ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.