سنڌ ۾ خريف جي پوکائي خواب، پاڻي کوٽ جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

سکر(  رپورٽ:اختيار علي چنا)  سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو پاڻي جي کوٽ جو ويهن سالن  جو  رڪارڊ ٽٽي ويو گذريل 20 سالن ۾ اهڙي کوٽ ناهي ٿي جهڙي هن وقت هلي رهي آهي  سنڌ جي ٽنهين بئراجن سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ 61 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي سکر بئراج وٽ  واهن جي پاڻي جي گهرج 56 هزار ڪيوسڪ آهي پر واهن کي   30 هزار 695  ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 46.25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آھي. گڊو بئراج وٽ پاڻي گهرج 31 هزار 100 ڪيوسڪ آهي پر واهن کي 9 هزار 362 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 79.4 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڪوٽڙي بئراج جي واهن جي پاڻي جي گهرج 32 هزار 460 ڪيوسڪ آهي پر 10 هزار 195 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي جڏھن ت ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي کوٽ 65.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي  سکر بئراج تي44.25 سيڪڙو، گڊو وٽ 79.4 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 68.6 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي. 20 سالن ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ ناهي رهي جيتري هاڻي آهي، ترجمان بئراج سارين، ڪپهه، ڪمند ۽ خريف جا ٻيا فصل سخت متاثرٿيڻ سبب آبادگارن کي ھن ڀيري وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آھي جنھن سبب آبادگار سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آھن. ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آھن، گُپچاڻي ۾ آبادگارن طرفان 6هين ڏينهن به احتجاج، سانگهڙ- نواب شاهه روڊ تي ڌرڻي دوران آبپاشي عملدارن خلاف نعرا ھنيا ويا.  بهرام ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران حاڪم شاهه پُل تي ڌرڻو ھنيو ويو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ٿورو گهڻو ملندڙ پاڻي به آبپاشي عملدار وڪرو ڪن ٿا.ھنن چيو ته پُڇڙي جي آبادگارن جا فصل سُڪي ويا ۽ زرعي زمينون بنجر ٿي ويون آهن، شاخن ۽ واهن ۾ حصي جو پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.