سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 14 مهينن بعد بحال، بل پاس، مخالف ڌر جون ترميمون رد، احتجاج

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي واري  بل سميت ٻه بل پاس، پي ٽي آءِ جو احتجاج، واڪ آئوٽ،  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ انفارميشن کاتي جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بل 2022 پيش ڪيو، سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن بل لاءِ جي ڊي اي ميمبر نصرت سحر عباسي جون ترميمون رد ڪيون ويون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي محمد حسين صوبائي وزير جي خاطري تي ترميمون واپس وٺي ڇڏيون، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته بل ۾ 3 ترميمون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڪميشن چيئرمين جي مقرري وڏي وزير جي سفارش تي گورنر ڪندو، ڪميشن ۾ هڪ ميمبر اقليتي ۽ هڪ عورت ميمبر هوندا، ڪميشن جي ڪنهن به ميمبر تي الزام جي صورت ۾ حڪومت جو 20 گريڊ جو آفيسر جاچ ڪري رپورٽ حڪومت کي ڏيندو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هي بل ايوان مان پاس ڪيو وڃي باقي جن به ميمبرن کي ترميمون ڪرائڻيون آهن ته اهي وري جمع ڪرائين، ڪنهن به وقت بل ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته بل جون ڪاپيون ميمبرن کي ڏيڻ بنا بل پيش ڪري ساڳئي ڏينهن تي پاس ڪرائڻ رولز جي ابتڙ آهي، بل ڪميٽي کي موڪليو وڃي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ ميمبرن ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج ڪيو، ۽ امپورٽڊ حڪومت نامنظور جا نعرا هڻندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ويا، جتي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي نعريبازي ڪرڻ بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.جڏهن ته صحت کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سهراب سرڪي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ اينڊ واسڪوپي اينڊ گيسٽرونٽرولاجي بل، (بي ايڇ يو، ايڇ آر سي ۽ عمودي پروگرام، سيڪنڊري صحت بل  پيش ڪيو، ان بعد صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو ڪلاز باءِ ڪلاز  پاس ڪرايو، بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان کانسواءِ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جو مدو چار سال هوندو جڏهن ته ڪميشن لاءِ نئين قانون جو نالو ايس پي ايس سي ايڪٽ 2022 هوندو.ڪميشن جا اڌ ميمبر بيوروڪريٽ ۽ ٻيا پرائيويٽ سيڪٽر مان هوندا، نئين قانون سان پراڻن ڪميشن جي فيصلن کي تحفظ فراهم ٿيندو.ان کانسواءِ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن لاءِ حلف کڻڻ لازمي هوندو ۽ چيف سيڪريٽري غلط ڪم ڪندڙن کي طلب ڪري سگهي ٿو. سنڌ اسيمبلي ڀارت خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪندي وفاقي حڪومت ۽ عوام کان مطالبو ڪيو آهي ته حضور صلعم جي شان ۾ ڀارتي حڪومتي ترجمان جي گستاخي تي ڀارتي سفير کي نيڪالي ڏئي انهن جي سمورين شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.ايوان ۾ پ پ جي سعديه جاويد، پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي ۽ جماعت اسلامي جي سيدعبدالرشيد مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءَ ۾ ڀارتي وزير نور پور شرما پاران حضور صلعم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ مذمت ڪئي وئي ۽ صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ويو ويو ته ڀارتي عملدارن کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي انهن جي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، عوام کي به اپيل ڪئي وئي ته اهي ڀارتي ميڊيا توڙي ٻين شين جو بائيڪاٽ ڪن، انفارميشن کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اسلام خلاف تعصب رکندڙ مائينڊ سيٽ اهڙي حرڪت ڪئي آهي، مودي سرڪار ملڪ ۾ مسلمانن لاءِ رهڻ کي مشڪل بڻائي  ڇڏيو آهي، ان باوجود به پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمانن پاران رواداري کي برقرار رکندي هتي رهندڙ اقليتن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان مسلمانن کي حضور صلعم رواداري جو درس ڏنو آهي. ان بعد ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو ميمبرن سيٽن تان اٿي بيهي يڪراءَ منظور ڪيو. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي ايوان  پ پ جي غلام قادر چانڊيو سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ پ پ ايم پي اي غزالا سيال اڳوڻي ايم پي اي انور  مهر کي خراج تحيسن پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ پيِش ڪيا جيڪي پڻ منظور ڪيا ويا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.