سافٽ ويئر بزنس تي سيلز ٽيڪس 3 سيڪڙو، رليف ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ان پٽ ٽيڪس ڪريڊٽ کان سواءِ آءِ ٽي، سافٽ ويئر بزنس ۽ ڪال سينٽرز تي سنڌ جي  سيلز ٽيڪس جي شرح 13 سيڪڙو کان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪندي آءِ ٽي انڊسٽري کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته وڏا ادارا ان پٽ ٽيڪس ڪريڊٽ سان معياري شرح کي ترجيح ڏين ٿا، انهن وٽ ان پٽ ٽيڪس ڪريڊٽ جي سهولت سان 13 سيڪڙو ڪرڻ جو اختيار آهي. هن اها ڳالهه مقامي هوٽل ۾ ”آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ ڪاروبار ۾ آسانيءَ“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. سيمينار صوبائي ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ جي گڏيل سهڪار سان ٿيو. سيمينار ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ ٽي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار تنزيله ام حبيبه، چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ واصف ميمڻ، آءِ ٽي بابت صوبائي سيڪريٽري آصف اڪرام، ايس آر بي جو صلاحڪار مشتاق ڪاظمي ۽ آءِ ٽي صنعت جي ماهرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز  کي هٿي وٺرائڻ ۽ آئي ٽي انفراسٽرڪچر لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت مختلف اسڪيمن ذريعي اٽڪل 1896.275 ملين رپيا رکيا آهن. سنڌ حڪومت ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آئي ٽي سان لاڳاپيل قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايس اينڊ ٽي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان آئي ٽي تي ٻڌل تربيتي پروگرام ۽ آئي ٽي اي ايس کي وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت انهن شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي: سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ، آئي ٽي اي ايس ڪمپنين اينڊ ڪال سينٽرن کي سپورٽ ڪرڻ، انڪيوبيشن سينٽرز قائم ڪرڻ، اسٽارٽ اپ جي حوصلاافزائي، اي ڪامرس تي ڌيان ڏيڻ، وڌندڙ نيٽ ورڪنگ ۽ ڊيٽا سينٽر ٽيڪنالاجيز تي ڌيان ڏيڻ، وڏي ڊيٽا جي بندوبست تي ڌيان ڏيڻ، نوجوانن لاءِ آئي ٽي ڪورسز، مختلف شعبن ۽ آئي ٽي انڊسٽري جي تعاون سان بوٽ ڪئمپ شروع ڪرڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايز آف ڊوئنگ بزنس ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ICT شعبي ۾ ترقي کي هٿي وٺرائي سگهجي ته جيئن ڄاڻايل شعبن ۾ امڪاني سيڙپڪاري ٿي سگهي جنهن جي نتيجي ۾ مستقبل ۾ آئي ٽي برآمد وڌندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.